پاڪستاننڪور خبرون

اين آر او ڪيس ۾ آصف زرداري کان بلاول، آصفه ۽ بختاور جي 10 سالن جا تفصيل طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او ڪيس بابت آصف علي زرداري جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردراي، آصفه ۽ بختاور جي اثاثن جا تفصيل 15 ڏينهن اندر گهري ورتا. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ اين آر او ڪيس ۾ 10 سالن جا تفصيل جمع ڪرائڻ بابت 29 آگسٽ تي ٻڌايل فيصلي تي آصف علي زرداري جي نظرثاني جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي هدايت ڪئي ته هو ترڪي ۾ مليل اثاثن جا تفيصل فراهم ڪري، جنهن تي اڳوڻي صدر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ استدعا ڪئي ته پنج سالن جي تفصيل ورتا وڃن، 10 سالن جا تفصيل نه گهريا وڃن، قانون رڳو پنج سالن جي لاءِ آهي. عدالت، فاروق ايڇ نائيڪ جي درخواست رد ڪندي چيو ته ڏهه سالن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. آصف علي زرداري جي وڪيل چيو ته خودمختيار ٻارڙن جي اثاثن جا تفصيل به نه طلب ڪيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هاڻي ته ٻارڙا بالغ ٿي ويا آهن ۽ شادي تائين ٻارڙا والدين جي پرورش هيٺ هوندا آهن. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 29 آگسٽ تي اين آر او ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ آصف علي زرداري کان 10 سالن جي اثاثن جا تفصيل ۽ ملڪي توڙي پرڏيهي بينڪ اڪائونٽس طلب ڪيا هئا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close