سنڌ جون خبروننڪور خبرون

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش

ڪراچي (رپورٽر) ڪوڙن بينڪ اڪائونٽس جي ذريعي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين روڪي ڇڏي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، اومني گروپ جو مالڪ انور مجيد ۽ سندس ٽنهي پٽن سوڌو ٻيا بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. بينڪنگ ڪورٽ ڪراچي ۾ جيئن ئي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر درخواست تي ڪارروائي جي مخالفت ڪئي. پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ، اومني گروپ جي اڪائونٽس بابت ڪنهن به قسم جو فيصلو ڏيڻ کا روڪيو آهي، جنهن تي انور مجيد جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ آرڊر جاري ڪرڻ کان منع ڪيو آهي، دليل ڏيڻ کان ناهي روڪيو. ان موقعي تي بينڪنگ ڪورٽ جي جج ريمارڪس ڏنا ته پهريون سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو پڙهون ان کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو. انورمجيد جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته ايف آءِ اي کي آخري چالان پيش ڪرڻ جو چيو وڃي جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ وٽ آهي، ان لاءِ هو ايف آءِ اي کي چالان جي لاءِ ٽائم فريم جو چئي سگهن ٿا. عدالت، فرار ٿي ويل پنج جوابدارن جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ڪيس جي ڪارروائي 16 آڪٽوبر تائين روڪي ورتي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close