پاڪستاننڪور خبرون

نيڪٽا جي ڪردار جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم، ادارن ۾ رابطن جي گهرج آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي خلاف ويڙهه وڏو چيلينج آهي، انشاءُ الله سوڀ ماڻي ويندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ نيڪٽا جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس ٿيو،جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، ڊي جي آءِ ايس آءِ، بچاءَ ، ناڻي ۽ گهرو کاتي جا وزير ۽ نيڪٽا جو ڪوآرڊينيٽر موجود هئا. ذريعن مطابق اجلاس ۾ سيڪيورٽي ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته نيڪٽا کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ بابت تجويزون به غور هيٺ آيون ۽ دهشتگردي خلاف اپائن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ اندروني ۽ پرڏيهي للڪارن کي منهن ڏئي رهيو آهي،جنهن ڪري انٽيليجنس ادارن ۾ اثرائتن رابطن جي گهرج آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ڊگهي عرصي کان ويڙهه واري حالت ۾ آهي، جنهن ۾ فورسز توڙي عام شهرين پنهنجي جانين جي قرباني پيش ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ انٽيليجنس ادارن جون قربانيون واکاڻ جوڳيون آهن، سيڪيورٽي ادارن جي ڪري ئي ملڪ ۾ امن واري صورتحال سڌري آهي. هن چيو ته هن کان پهرين نيڪٽا جي بورڊ آف گورنرز جو ڪڏهن به اجلاس ناهي ٿيو، گذريل سرڪار جي بي ڌياني جي ڪري نيڪٽا غير سرگرم ادارو رهيو، جنهن کي وڌيڪ  سرگرم ڪرڻ جي گهرج آهي. وزيراعظم عمران خان نيڪٽا جي ڪردار جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙي،جيڪا هڪ هفتي اندر پنهنجون سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close