سنڌ جون خبروننڪور خبرون

ڪالاباغ ۽ ڌارين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري وزيراعظم جي اعلان خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا

حيدرآباد/نوابشاهه/خيرپور (نمائندن وٽان) ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ۽ ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري وزيراعظم جي اعلان خلاف قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ ٻين سياسي سماجي ۽ مذهبي جماعتن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي ريليون ڪڍيون ويون. حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن ڄام فتاح سميجو. نسرت چنا ۽ حاڪم زادي ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ابک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران مٽياري پريس ڪلب اڳيان ضلعي چيف آرگنائيزر محمد علي ابڙو، مرڪزي اڳواڻ خدابخش درس ۽ غلام حيدر نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي. عمرڪوٽ پريس ڪلب اڳيان سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر سومار منڱريو، ايس يو پي جي اڳواڻ ۽ جهوني قومي ڪارڪن ماما جمن دربدر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. مرڪزي سڏ تي نوابشاهه ۾ به ايس ٽي پي ڪارڪنن ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، ضلع صدر نثار ڪيريو، سيد اطهر شاهه، رفيق ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي. ڪالاباغ ڊيم ۽ غير ملڪين کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري اعلان خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران مرڪزي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان ضلعي صدر ڪامريڊ قادر بروھي، طارق علي جتوئي، واجد سانگي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ميرپور ماٿيلو ۾ ايس ٽي پي ضلعي گهوٽڪي طرفان ڀٽائي چوڪ وٽ سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏڻ ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سڃاڻپ ڏيڻ واري وزير اعظم جي بيان خلاف بک هڙتال ڪئي وئي. ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي  طرفان سنڌو درياهه مٿان ڊيمن  جي اڏاوت  ۽ ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري اعلان خلاف ڪارڪنن  پريس ڪلب اڳيان ضلعي  اڳواڻن  پيربخش بھلڪاڻي،  ديدار سبزوئي، دلبربنگوار ۽ قمر سھرياڻي  جي اڳواڻي  ۾ احتجاج  ڪيو. ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف  ٺٽي ۾ ايس ٽي پي پاران ضلعي صدر ناٿو بروهي، راجو قريشي، بشير احمد جوکيو، جميل سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. خيرپور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف خلاف سيشن ڪورٽ روڊ تي ايس ٽي پي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ذاڪر حسين سولنگي، سعيداحمد، مجاھدحسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻن ڏينهن واري بک ھڙتال شروع ڪئي وئي، قومي عوامي تحريڪ پاران ڄام نواز علي ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف خادم رند، محمود رخشاڻي ۽ عاشق ڪٽوهر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. گمبٽ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ ڪامريڊ زاهد شنباڻي، ڪامريڊ فريد خاصخيلي ۽ حبدار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اس ۾ 2 ڪلاڪن تائين احتاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي عمران خان جي وزير ٿيڻ تي خدشو ظاهر ڪيو هو، عمران خان وزيراعظم ٿيو ته ان سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺاهڻ ۽ غيرقانوني ترسيل  بنگالين ۽ افغانين کي ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هنن چيو ته اختر مينگل جڏهن ته قومي اسميبلي ۾اعتراض ڪيو ته عمران خان کان جي وات مان سچ نڪري ويو، هن واضح ڪيو ته هو رڳو سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهين کي ڪارڊ جاري ڪندا. احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي ڌارين جي لوڌ موجود آهي، غير قانوني ترسيل افغانين، بهارين، بنگالين ۽ برمين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ سنڌ صوبي سان ناانصافي آهي، هو سنڌ جا اصلي وارث آهن،  سنڌ جي وحدت تي وار برداشت نه ڪندا

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close