پاڪستاننڪور خبرون

ڳالهه سڌي آهي جيڪڏهن اسان ڳالهائيندا سين ته ڪيس کلندا ويندا: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه نيب ڪيسن کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته ڳالهه سڌي آهي جيڪڏهن ڳالهائيندا ته ڪيس کلندا، هو موجود حڪومت کي دعوت ڏئي ٿو ته سندس خلاف ڪيسن جي جاچ ڪري. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سندس خلاف ڪيس آهن ته جاچ پارليامينٽ ڪري، جيڪڏهن  ڪيس هئا ته جاچ ڇو نه ڪئي وئي هو اپوزيشن ليڊر رهي چڪو آهي. پ پ جي سينيئر اڳوڻ سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته مٿس ڪيسن بابت ميڊيا تي خبرون هلائڻ صحيح ناهي، هو 30 سالن کان سياست ڪري رهيو آهي، هن اپوزيشن به ڪئي آهي ته وزارتون به ڏٺيون آهن. سيد خورشيد شاهه دعويٰ ڪئي ته هن سرڪار جا اربين رپيا بچايا ۽ اڄ تائين ڪنهن به مٿس آڱر ناهي کنئين، اهڙي  طرح ڪيس ٺاهڻ افسوس جوڳو عمل آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close