سنڌ جون خبرون

پيرجوڳوٺ ويجهو ٽي ڏينهن اڳ گم ٿيل عورت جو واٽر ڪورس مان تشدد ٿيل لاش

پيرجوڳوٺ (نمائندو) پيرجوڳوٺ ويجهو ٽي ڏينهن اڳ گم ٿيل عورت جو واٽر ڪورس مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي.ڳوٺ قادن ٻاهران واٽر ڪورس ۾ لاش ڏسي رهواسين وڏا مهيسر پوليس کي اطلاع ڏنو.پوليس عورت جو لاش کڻائي خيرپور جي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيو.مڙس علي ڏنو ميتلو ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرواري ٽن ڏينهن کان گم هئي، گهڻي ڳولها ڪئي پر سندس ڏس پتو نه پيو.هن چيو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، تشدد ڪري گهرواري کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي.پوليس جي چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close