پاڪستاننڪور خبرون

ڀارت جو پاڪستان کي شيڊول ڏيڻ باوجود چناب درياهه تي تڪراري رٿا جو معائنو ڪرائڻ کان انڪار

لاهور (مانيٽرنگ) ڀارت پاڪستان کي شيڊول ڏيڻ باوجود چناب درياهه تي تڪراري رٿا جو معائنو ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان انڊس واٽر ڪميشن کي تڪراري رٿائن جو معائنو ڪرائڻ هو جنهن لاءِ ڀارت 7 کان 12 آڪٽوبر تائين جو شيڊول به جاري ڪيو هو. پر هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت واعدي خلافي ڪندي چناب درياهه تي تڪراري آبي رٿا جو معائنو ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو . هوڏانهن انڊس واٽر ڪميشن به تصديق ڪئي آهي ته ڀارت ايندڙ مهيني رٿا جي معائني وارو  شيڊول ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت آبي رٿائن جو معائنو ڪرائڻ جو پابندي آهي جنهن جي هو گذريل چئن ورهين کان ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close