
سنڌ جون خبروننڪور خبرون
ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ ۾ فيڪٽري جي ڇـِت ڪِري پوڻ جي نتيجي ۾ 3 پورهيت دٻجي فوت
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ ۾ فيڪٽري جي ڇـِت ڪِري پوڻ جي نتيجي ۾ 3 پورهيت دٻجي فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ فيڪٽري مالڪ فيڪٽري کي تالا هڻي فرار ٿي ويا. پوليس موجب ميمڻ ڳوٺ ۾ فڪٽري جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڇت مٿان ٺهيل ڪمرن ۾ ننڊ پيل 4 پورهيت زخمي ٿي پيا.زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 2 پورهيت راشد ۽ سعيد اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جي سـَٽَ نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.پوليس موجب واقعي کانپوءِ فيڪٽري جا مالڪ فيڪٽري کي تالا هڻي فرار ٿي ويا آهن