انٽرنيشنلنڪور خبرون

انڊونيشيا ۾ آيل زلزلي ۽ سونامي سبب فوتين جو انگ 800 کان به ٽپي ويو، سوين گم

جڪارتا (م ڊ) انڊونيشيا جي سامونڊي شهر پالو ۾ زلزلي ۽ سونامي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 800 کان ٽپي ويو . پرڏيهي خابرو اداري موجب 28 سپٽمبر تي انڊونيشيا ۾ 7 ڏهائي 5 جي شدت سان آيل زلزلي سامونڊي شهر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿي پيا ۽ ڪيترين ئي عمارتن کي به نقصان پهتو. هن وقت تائين ايندڙ تفصيلن موجب زلزلي سبب هن وقت تائين فوتين جو انگ 832 ٿي ويو آهي ۽ اڃان به ڪيئي ماڻهو گم آهن جنهن سبب  جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. انڊونيشيئن انتظاميا موجب سموريون فوتگيون سامونڊي شهر پالو ۾ ٿيون جتي 7 ڏهائي 5 جي شدت سان آيل زلزلي بعد سامونڊي لهرون 10 فٽن تائين بلند ٿي سامونڊي علائقن ۾ داخل ٿيون. انتظاميا جو چوڻ آهي ته  متاثر علائقن مان 17 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، متاثر علائقن ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ آهي جڏهن ته مقامي مارڪيٽن ۾ ڦرلٽ جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي. انڊونيشين صدر جوڪو ودودو اڄ متاثر علائقن جو دورو ڪندو، ان کان اڳ هن پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ قدرتي آفتن سان ٿيندڙ نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي انتظاميا کي متاثرن جي هر ممڪن امداد جي هدايت ڪئي هئي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close