پاڪستاننڪور خبرون

رڪارڊ ۽ ليبارٽري ٽيسٽ اچڻ تائين پاڻي جون فيڪٽريون سيل ڪيون وڃن: چيف جسٽس

لاهور (مانيٽرنگ) چيف جسٽس ثاقب نثار منرل واٽر ڪمپني کي پنجن سالن جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جر جو پاڻي ڪڍي وڪرو ڪندڙ ڪمپنين خلاف پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي4 ۾ بئنچ ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار منرل واٽر ڪمپني کي پاڻي جا نمونا ليبارٽري ٽيسٽ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇو نه رڪارڊ ۽ ليبارٽري ٽيسٽ اچڻ تائين فيڪٽريون سيل ڪيون وڃن ۽ پاڻي جي وڪري تي پابندي لڳائي وڃي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا منرل واٽر ڪمپني سان اڻ برابري جو سلوڪ ڪيئن ٿو ڪري سگهجي، پاڻي جي جيتري ٽيسٽ ڪرائجي ٿي اها غير معياري نڪري ٿي، منرل واٽر ڪمپني پاڪستان ۾ فتور وجهي رهي آهي. عدالت منرل واٽر ڪمپني کي پنجن سالن جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي منرل واٽر ڪمپني جي وڪيل اعتزاز احسن فرانزڪ ليب آڊيٽر ڪوڪب جمال تي اعتراض واري ڇڏيو ۽ ڪوڪب جمال رضاڪاراڻي طور عليحدگي اختيار ڪري ورتي جنهن تي عدالت ايڊووڪيٽ ميان ظفر اقبال کي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close