سنڌ جون خبروننڪور خبرون

مميبرن جي تقريرن تي معافي وٺان ٿو، مهاجرن کي سنڌي سڏائڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڀٽو هڪ نظرئي جو نالو آهي، مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون برداشت ڪرڻ گهرجن، لو بلڊ پريشر ۽ هاءِ بلڊ پريشر نه هلندو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته مان پنهنجي ميمبرن طرفان پاڻ معافي گهران ٿو، مان ميمبرن کي چيو ته پنهنجي ليڊر کان ڪجهه سکو، بلاول جيڪا سنجيدگي ڏيکاري تنهن کان سکو، ڀٽو ٿيڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، مخالف ڌر جي ميمبرن کي به ڀٽو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته زور سان ڳالهائڻ ۽ ڪنهن جي برائي ڪرڻ سان نمبر نه وڌندا آهن، سنڌ واحد صوبو آهي جتي پاڪستان جي هر ٻولي ڳالهائيندڙ ويٺل آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مان سمورن ميمبرن جي تقرير ٻڌي آهي جيڪي ميمبر رهجي ويا تن جي تقرير گهرائي رات جو جاڳي ٻڌي. هن چيو ته اسان کي عوام هر ڀيري سڀ کان وڌيڪ سيٽون ڏئي ڪامياب ڪندو آهي، حليم عادل شيخ ايوان کي مڇي مارڪيٽ چيو، تمام گهڻو افسوس ٿيو، ماڻهن توهان کي هارايو ته کين ذليل نه ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مڇي مارڪيٽ ڪو خراب هنڌ ناهي مان پاڻ فش هاربر تي رهيو آهيان، معاملو مڇي مارڪيٽ کان به اڳتي نڪري ويو هو ۽ ماحول خراب ٿيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close