پاڪستاننڪور خبرون

ڪجهه پئسن لاءِ تعليمي نظام جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو: سپريم ڪورٽ

لاهور (مانيٽرنگ) سپريم ڪورٽ يونيورسٽي آف لاهور سميت ٻين ادارن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ قانوني ماهر ظفر اقبال ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي وقار عباسي تي ٻڌل ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته هر تعليمي اداري جو سربراهه چوي ٿو ته اسان جو ادارو بهتر آهي، سروي ۾ هر شيءَ بگڙيل نظر ايندي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ خانگي يونيورسٽين ۾ سهولتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت يونيورسٽي يونيورسٽي آف لاهور سميت ٻين يونيورسٽين ۾ سهولتن بابت جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، قانوني ماهرن تي ٻڌل ٽيم کي هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته مجاهد ڪامران صاحب توهان ڪهڙي چڪر ۾ پئجي ويا آهيو،  هي وقت توهان جي پي بيڪ جو آهي، توهان کي هن عمر ۾ ڪتاب لکڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ گهرجن. ڪامران مجاهد چيو ته مان ته نوڪري ڪري رهيو آهيان. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه پئسن لاءِ تعليمي نظام جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي، توهان جي ڪاليج ۽ ايگزيڪٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي. هن چيو ته پنجاب جو گورنر يونيورسٽين جي چارٽرڊ بابت ڪميٽي جوڙي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close