پاڪستاننڪور خبرون

افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان کانسواءِ اڳڀرائي ممڪن ناهي: شاهه محمود قريشي

واشنگٽن  (مانيٽرنگ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته  آمريڪا سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، آمريڪا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان کانسواءِ اڳڀرائي ممڪن ناهي. واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته  هڪ سال کان پاڪستان تي تنقيد ٿي رهي هئي پر هاڻي آمريڪي اختيارين جا هاڪاري پيغام ملي رهيا آهن، اسان کان اڳ پاڪستان جي اعليٰ آمريڪي اختيارين تائين پهچي نه هئي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته اڳڀرائي ٿي آهي، آمريڪا جي اڳ وارن بيانن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هميشه افغانستان جي خودمختياري جو احترام ۽ ڀائرن جهڙو سلوڪ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کان اڳڀرائي حاصل ڪرڻ لاءِ دوست ماحول ڪرڻ گهرجي، دٻاءَ سان ۽ الزامن سان مسئلا ۽ ماحول خراب ٿيندو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته اسان جي لاڳاپن کي رڳو افغانستان جي نظر سان ڏٺو وڃي ڇو ته اسان جي 70 ورهين جي تاريخ آهي جنهن ۾ هيٺ مٿانهين آهي پر اڳتي وڌڻو آهي ۽ جيڪڏهن غلط فهميون ٿيون آهن ته ختم ڪرڻو آهي، لاتعلق ختم ڪرڻ سان ڳالهه ختم نه ٿيندي، پاڪستان کي گڏ کڻي هلڻ سان ئي معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close