پاڪستاننڪور خبرون

العزيزيه ريفرنس، نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث ۽ نيب پراسيڪيوٽر ۾ ڏند چڪ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي دوران خواجه حارث ۽ پراسيڪيوٽر اڪرم قريشي ۾ منهن ماري ٿي. نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث چيو ته توهان ڪالهه ايف آءِ اي ۽ نيب هيڊ ڪواٽر جي خطن تي ڪوڙ ڳالهايو. نيب  پراسيڪيوٽر چيو ته توهان جو اصيل ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ملڪ کي لٽي کائي ويو، هتي اچي چوي ٿو ته اسان بيگناهه آهيون. خواجه حارث چيو ته ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، ڇا توهان هتي سياست ڪرڻ آيا آهيو، توهان فيصلو ٻڌائي رهيا آهيو، اسان ڪوڙا ۽چور آهيون،  اسان توهان خلاف درخواست ڏئي سگهون ٿا. نيب  پراسيڪيوٽر اڪرم قريشي چيو ته مان به توهان خلاف درخواست ڏيندس، ڪالهه توهان جي مددگار وڪيل مونکي گيٽ آئوٽ چيو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته عائشه حامد جو والد منهنجو ڪلاس فيلو آهي، تنهن ڪري کيس ٻارڙي چيو. جج ارشد ملڪ چيو ته عائشه حامد ايڊووڪيٽ ڪالهه ڪاوڙجي وئي، بهتر هوندو ته فريادي ڌر ۽ دفاع پاڻ ۾ ڳالهيون نه ڪن، مان هتي ويٺو آهيان، مون سان ڳالهائيندا ڪيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close