پاڪستاننڪور خبرون

حڪومت جو اسحاق ڊار جي دور ۾ غير قانوني طور مقرر ڪيل آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي دور ۾ غير قانوني طور مقرر ڪيل آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته عهدن تان هٽايل عهديدارن ۾ نيشنل بئنڪ جو صدر سعيد احمد، فرسٽ ويمن بئنڪ جي صدر طاهره رضا، زرعي ترقياتي بئنڪ جو صدر طلعت شامل آهن. هن چيو ته اسحاق ڊار پاران مقرر ڪيل چئن ايگزيڪيوٽو کي به عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جليل احمد، ڊپٽِ گورنر اسٽيٽ بئنڪ شمس الحسن ۽ ڪمپٽيشن ڪميشن ۾ مقرر ڪيل شهزاد انصر شامل آهن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم هائوس جي 528 مان رڳو 4 کان پنج ملازمن رهجي ويا آهن. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم هائوس جي استعمال هيٺ گاڏين جي نيلامي مان 18 ڪروڙ حاصل ٿيا، هن وقت تائين 62 گاڏيون نيلام ٿي چڪيون آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close