پاڪستاننڪور خبرون

پاڪستان جون عدالتون محافظ آهن : چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون ڪراچي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي دوران ملڪ رياض ڊيم فنڊ لاءِ ڪل اثاثن جو 25 سيڪڙو ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ بحريا ٽائون ڪراچي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار ملڪ رياض کي چيو ته هڪ هزار بلين رپيه ڏيو. هن چيو ته ملڪ رياض صاحب توهان جي ورٿ 3 هزار بلين آهي. ملڪ رياض چيو ته منهنجي ورٿ 100 بلين يا 50 بلين  به ناهي. چيف جسٽس چيو ته ڪيترائي ڀيرا پاڻي جي وڏين لائنن کي بحريا ٽائون ۾ تبديل ڪيو ويو، ڊيم لاءِ 1500 بلين ڏيو توهان کي هميشه ياد رکيو ويندو. ملڪ رياض چيو ته ڪل اثاثن جو 50 سيڪڙو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. وڪيل زاهد بخاري چيو ته بحريه ٽائون ٻڏو ته ملڪ ٻڏي ويندو.  چيف جسٽس چيو ته پاڪستان جو الله محافظ آهي، پاڪستان جون عدالتون ان جون محافظ آهن، منهنجي عدالت ۾ پاڪستان ٻڏڻ جون ڳالهيون نه ڪيو. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته توهان سڄو ڏينهن بحريا ٽائون جو جهاز کڻي گهمو ٿا، توهان جهاز کي ٽيڪس بڻائي ڇڏيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close