پاڪستاننڪور خبرون

انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ 9 رپيا 75 پئسي جي اضافي سان ڊالر 134 رپين جي سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾  9 رپيا 75 پئسي جي  اضافي سان ڊالر 134 رپيا جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، واضح رهي ته گذرل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 124 رپيا 25 پئسن جو هو. ڊالر جي اگهه ۾ واڌ سان مارڪيٽ ۾ غيريقيني واري صورتحال ڇانيل آهي. معاشي تجزيه نگار محمد سهيل موجب ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو هڪ سبب حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ وارو فيصلو به آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ( آءِ ايم ايف) کان بيل آئوٽ پيڪيج وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان فوري ڳالهين جي منظوري به ڏئي ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close