سنڌ جون خبروننڪور خبرون

پ پ اڳواڻن خلاف اقامو رکڻ وارو معاملو، اليڪشن ڪميشن جي جواب ۾ڪجهه ناهي: سنڌهاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن خلاف اقامو رکڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ٻڌايو ويو آهي ته فريال ٽالپور ۽ سهيل انور سيال خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ تيار آهيون.  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد علي مظهر پيپلز پارٽي جي اڳواڻن خلاف اقامو رکڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس ۾ فريال ٽالپور، منظور وساڻ، سهيل انور سيال ۽ ٻيا شامل آهن. ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل خواجه شمس الاسلام لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ۽ چيو ته اسان جواب داخل ڪرائي چڪا آهيون ۽ اليڪشن ڪميشن فريال ٽالپور ۽ سهيل انور سيال خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ تيار آهي. عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي جواب تي ناراضپي جو اظهار ڪندي چيو ته توهان جو جواب ڏٺو آهي، جنهن ۾ ڪجهه به ناهي، هڪ صفحي جي جواب ۾ ڇا آهي، خبر اٿوَ توهان ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهيو. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته تفصيلي جواب گهريو هو، پر هڪ صفحي جو جواب ڏئي ذميواري پوري ڪري ڇڏي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالتن ۾ اهڙا جواب جمع ڪرائيندا آهن، اهڙا جواب ڪير ڏيندو آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته فريال ٽالپور جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ اڄ به پيش نه ٿيو سندس جونيئر کي ڪيس هلائڻ گهرجي جنهن تي  عدالت چيو ته جيڪڏهن وڪيل ناهي ته ڪيس اڳتي ڪيئن وڌايون، فاروق ايڇ نائيڪ کي چئو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي ٻي صورت ۾ کيس ڪيس کان الڳ ڪيو ويندو. ايڊووڪيٽ خواجه شمس الاسلام دليل ڏيندي چيو ته فريال ٽالپور پنهنجي جواب ۾ اقامو ۽ دبئي جا اثاثا به ظاهر ناهن ڪيا، فيصلو اچڻ تائين فريال ٽالپور کان عوامي عهدو واپس ورتو وڃي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته فريال ٽالپور 2002 ۾ نياڻي عائشه جي نالي تي دبئي ۾ ڪمپني قائم ڪئي ۽ رقم دبئي منتقل ڪرڻ جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کان لڪايا. درخواست گذار متاثر ڌر ناهي ۽ هو آئين تحت رڳو اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪري سگهي ٿو، درخواست گذار طرفان مڙهيل الزام غلط ۽ بي بنياد آهن. سهيل انور سيال درخواست ۾ چيو آهي ته ايف بي آر کي سمورن ٽيڪسن  تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا هئا ۽ هر سال انڪم ٽيڪس ريٽرن ۾ تفصيل ڏيندو رهيو آهيان، ڊڪليئريشن فارم ۾ اقامو ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪالم نه هو. درخواست گذار استدعا ڪئي ته ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرائڻ تي فريال ٽالپور ۽ ٻيا صادق ۽ امين ناهن رهيا.  عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close