پاڪستاننڪور خبرون

ٿر ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جا ٽئنڪر فوري موڪلڻ جو حڪم سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ٿر ڏڪار ڪيس ۾ چيف  سيڪريٽري جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب 400 ٻارڙن جي موت تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار ايڊيشنل صحت جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ايتري عرصي کان هي مسئلو حل ڇو نه ٿي رهيو آهي، عدالت کي رپورٽس نه پر مسئلي جو حل گهرجي، ماڻهو چون ٿا ته پنهنجون حدون اورانگهي رهيو آهيان، پنهنجي ماڻهن کي مرندي نه ٿو ڏسي سگهان، مان پاڻ ٿر وڃي ويهي رهندس. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ٿر جو اصل مسئلو ڪو بيان نه ٿو ڪري سگهي، ڪو خوراڪ جي کوٽ سبب مري رهيو آهي ته ڪو وري ناقص علاج سبب، ٿر وارن کي گهر، خوراڪ ۽ پاڻي ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي. هن چيو ته حڪومتي رپورٽ موجب ته سڀ سٺو آهي پر سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايم اين اي رميش ڪمار کي ٿر جون حالتون ٻڌائڻ لاءِ روسٽرم تي گهرايو. رميش ڪمار ٻڌايو ته ٿر ۾ تمام گهڻي ڪرپشن آهي، ڪوئلي سبب زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، حقدارن لاءِ خوراڪ ۾ اسيمبلي ميمبرن جو نالو به ايندو آهي، ٿر ۾ منشيات فروشن جي حڪمراني آهي، اربين رپيه لڳائڻ ۽ افتتاح باوجود ٿر ڪول پلانٽ بند آهي. چيف جسٽس چيو ته چيف سيڪريٽري پاليسي ٺاهي پيش ڪري، ٿر ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جا ٽئنڪر هنگامي بنيادن تي موڪليا وڃن.  صحت واري سيڪريٽري ٻڌايو ته هڪ سال جا 94، هڪ کان وڌيڪ جي عمر جا 75 ٻار فوت ٿيا آهن، موتن جو سبب مائرن جي خراب صحت ۽ ٻارڙن ۾ وقفو نه ڪرڻ آهي، ليڊي هيلٿ ورڪر رڳو 42 سيڪڙو علائقي کي ڪور ڪن ٿيون، اين جي اوز سان گڏجي منصوبو ٺاهي رهيا آهيون ٿر سموري ٿر ۾ ماڻهن کي صحت ڏني وڃي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته ٻڌايو  معاملي تي عدالت ڪهڙو قدم کڻي سگهي ٿي. اٽارني جنرل ٻڌايو ته علائقي ۾ اسپتالون آهن پر ڊاڪٽر نه آهن، مشينون آهن آپريٽر نه آهن، جيڪو ڊاڪٽر وڃي ٿو سمجهي ٿو کيس سزا ملي آهي، هو مريضن کي سزا ڏيندو آهي. چيف جسٽس سيڪريٽري صحت کي چيو ته ڪنهن جنگ حالتن جا قدم کنيا، سڀ ڪجهه ڪاغذن تي آهي. عدالت ٿر بابت صحت واري سيڪريٽري جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي  چيو ته وڏو وزير ۽ سيڪريٽري ٻڌائين ته ماڻهو ڇو مري رهيا آهن. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل، صحت، ناڻي، ورڪس، خوراڪ، آبادي ۽ تعليم جي سيڪريٽري کي طلب ڪندي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close