سنڌ جون خبروننڪور خبرون

گهڻا استاد رٽائر ٿي ويا آهن، ترت نوان استاد ڀرتي ڪيا ويندا: سيد سردار شاهه

نئون ديرو (نمائندو) نئين ديري ۾ ليڊي ٽيچر کي شاھ لطيف  جو بيت پڙھڻ نه آيو ماسترياڻي پاران بيت درست نه پڙھڻ تي تعليم جو وزير ڪاوڙجي پيو.سنڌ جو تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه سيڪريٽري تعليم ۽ ڊائريڪٽر سان گڏجي نئين ديري جي اسڪولن جو دورو ڪيو .اسڪول ۾ وزير ليڊي ٽيچر کي لطيف سرڪار جو بيت پڙهڻ لاءِ چيو ته ليڊي ٽيچر بيت درست نه پڙهي سگهيو پڇاڻي تي ليڊي ٽيچر چيو ته سندس   نظر گھٽ آھي  جنهن تي  وزير چيو تھ وڏي ماپ وارو چشمو وٺو.ڏھين ڪلاس جي شاگردياڻين کي پاڻي جو فارمولو نه آيو، جڏهن ته ڇھين ڪلاس کي ليب اٽيننڊ پڙھائيندي پڪڙجي پئي جنهن تي وزير  پاران  ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو . اسڪول جي انچارج اختر بيگم  چيو ته استادن جي کوٽ آھي ھي استاد نه پر ليب اٽينڊنٽ آھي جنهن تي  سيڪريٽري ڪاوڙجي پيو جڏھن ته سيد سردار شاھ شاگردياڻين کان سوال ڪيو ته رابرٽ ھيڊ ڪير ھو  ڏھين ڪلاس ۾ شاگردياڻيون ڪيمسٽري پڙھي رھيون ھيون سيڪريٽري شاگردياڻين کان پاڻي جو فارمولو معلوم ڪيو جيڪو شاگردياڻين کي نه آيو  وزير ۽ سيڪريٽري تعليم ڊائريڪٽر رضيه پٺاڻ مٿان ڪاوڙجي پيا ته توھان اسڪولن جا دورا ڇو نه پيا ڪيو.ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه شاگردياڻين جي غير حاضري تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ھن استادن کي نفسياتي علم جي تربيت نه ڏيڻ ڪري شاگردن جي اسڪول مان ڀڄڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو ته  مائٽ ۽ ٻيا ٽريننگ ڏيندڙ ادارا ناڪارا ثابت ٿيا آھن ان معاملي تي پڻ ڌيان ڏنو ويندو.استادن  جي کوٽ واري معاملي تي تعليم واري وزير چيو ته گهڻا استاد رٽائر ٿي ويا آهن ترت نوان استاد ڀرتي ڪيا ويندا .

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close