
سنڌ جون خبروننڪور خبرون
مراد علي شاهه ۽ ڪليم امام کي توهين عدالت جي درخواست تي نوٽيس، جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي توهين عدالت درخواست تي نوٽيسز جاري ڪندي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ۾ وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ خلاف توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. عدالت توهين عدالت درخواست تي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيسز جاري ڪندي 7 نومبر تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اي ڊي خواجا ڪيس ۾ سنڌ حڪومت کي پوليس کاتي ۾ آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين ۾ سڌارن جو حڪم ڏنو هو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت سيپٽمبر 2017 واري عدالتي حڪم تي عمل ناهي ڪيو، تنهن ڪري وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.