پاڪستاننڪور خبرون

پاڪستان تيزي سان مستقل امن ڏانهن وڌي رهيو آهي: جنرل باجوا

لنڊن (مانيٽرنگ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا برطانيا جي دوري دوران برطانوي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ اعليٰ فوجي اختيارين سان ملاقاتون  ڪيون، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان مستقل امن ڏانهن وڌي رهيو آهي، برطانيا سان گڏيل سڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي بلند ترين سطح تي آڻڻ جا خواهشمند آهيون. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده برطانيا جي سرڪاري دوري تي آهي، جتي آرمي چيف سان برطانوي چيف آف ڊيفينس اسٽاف جنرل سر نڪلسن ڪارٽر جي ملاقات ٿي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان مستقل امن ڏانهن وڌي رهيو اهي. آرمي چيف موجب، برطانيا سان گڏيل سڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي بلند ترين سطح تي آڻڻ جا خواهشمند آهيون. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف برطانوي دفاءُ واري وزير گيون وليم سن سان به ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر مارگ سيڊول سان به ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ پاڪ برطانيا جي وفدن جون اعليٰ سطحي ڳالهيون ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو، جڏهن ته سمورن ملاقاتن دوران برطانوي وزيراعظم جو خاص نمائندو به موجود هو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close