پاڪستاننڪور خبرون

عوام دشمن حڪومت تان قوم جو اعتماد کڄي ويو آهي: مريم اورنگزيب

لاهور (مانيٽرنگ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام دشمن حڪومت تان قوم جو اعتماد کڄي ويو آهي ۽ حڪومت 14 آڪٽوبر تي عوام جو رد عمل ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار آهي. ن ليگ جي اڳواڻ مريم اورنگزيب جو سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير جي ڪانفرنس تي رد عمل ۾ چوڻ هو ته فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس حڪومت جي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو خاڪو آهي ۽ اِها پهرين حڪومت آهي جنهن 54 ڏينهن روئڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته نااهل حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيراو ۽ غريب جي وات مان گِرهه کسيو آهي، ڪوڙ ۽ نااهل حڪومت بجلي قيمتن ۾ واڌ ڪري رهي آهي، ان ڪري ٻيهر روئڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي لاءِ ڪوڙ، بهانو ۽ جواز نه ڳوليو. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف پنهنجي دور ۾ مهانگائي جي شرح، پيٽرول ۽ بجلي جي قيمت کي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي رکيو پر جيئن هو هٽيو ته مهانگائي عوام تي اچي ڪِري. ن ليگي ترجمان موجب پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪوڙ ۽ نااهلي جي سزا قوم کي ملي رهي آهي جڏهن ته نواز شريف ۽ شهباز شريف مخالفت تي نه پر قوم جي تعمير ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ تي ڌيان ڏئي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن تي اُهي الزام لڳايا ويا آهن جيڪي خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ميگا واٽ بجلي نه بڻائي سگهيا، مسلم ليگ ن جي 11 هزار ميگا واٽ مڪمل ڪيل منصوبا نيب ۾ ضرور کڻي وڃو پر پنهنجي 350 خيالي ڊيمن جو جواب ته ڏيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close