سنڌ جون خبروننڪور خبرون

ملازمت ڪندڙ عورتن جي تحفظ لاءِ قانون جو مسودو تيار، سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ هوشيار ٿي وڃن هاڻ سنڌ حڪومت ملازمت ڪندڙ عورتن جي تحفظ لاءِ قانون جو مسودو تيار ڪيو ويو جنهن جي سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ حڪومت ملازمت ڪندڙ عورتن جي تحفظ لاءِ قانون جو مسودو تيار ڪري ورتو، جنهن موجب عورتن کي هراسان ڪرڻ، جنسي تشدد ڪرڻ، گهوري ڏسڻ، اڻڄاڻائي ۾ اک هڻڻ ۽ موبائيل فون تي پيغام موڪلڻ وارو به قانون جي حراست ۾ هوندو. ڄاڻايل ايڪٽ ۾ ملازمت کان برطرفي، پگهار ۽ مراعتون روڪڻ جون سزائون به شامل آهن ۽ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ وارن مردن جي ترقي ۽ انڪريمنٽ روڪڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي. ڄاڻايل ايڪٽ موجب عورتن کي هراسان ڪرڻ جي صورت ۾ لکت ۾ شڪايت ڪري سگهبي جڏهن ته صوبائي محتسب به کي به سڌي شڪايت ڪري سگهجي ٿي پر صوبائي محترب عورتن کي هراسان ڪرڻ واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس به وٺي سگهي ٿو. انڪوائري اٿارٽي 3 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، انڪوائري اٿارٽي شڪايت تي 3 ڏينهن ۾ فيصلو ڪندي. ملازمت جي جاءِ تي عورتن جي تحفظ جو ايڪٽ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، ڪابينا کان منظوري جي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ايڪٽ آندو ويندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close