پاڪستاننڪور خبرون

نيب ۽ ايف آءِ اي سميت ڪو به ادارو بنا جواز حراسان نٿو ڪري سگهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان واپارين کي خاطري ڪرائي آهي ته نيب ۽ ايف آءِ اي سميت ڪو به ادارو کيس بنا جواز حراسان نٿو ڪري سگهي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان سان فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرس آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز (ايف پي سي سي آءِ) جي وفد ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ناڻي وارو وزير اسد عمر به موجود هو. وفد وزير اعظم جي سامهون شڪايتن جا انبار لڳائيندي چيو ته ايف آءِ اي ٽيڪس گوشوارن ۾ ڊڪليئر ٿيل پرڏيهي اثاثن جي باري ۾ به نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته نيب ۽ ٻين ادارن طرفان به واپارين، صنعت ڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي هراسان ڪيو پيو وڃي. وزير اعظم جي وفد شڪايتون ٻڌڻ بعد کين خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته نيب ۽ ايف آءِ اي سميت ڪو به ادارو واپارين ۽ صنعتڪارن کي بنا جواز هراسان نٿو ڪري سگهجي جڏهن ته ڊڪليئر ڪيل پرڏيهي اثاثا رکڻ وارن پاڪستانين کي ايف آءِ اي تنگ نه ڪندي، وزير اعظم چيو ته قومي احتساب بيورو لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close