پاڪستاننڪور خبرون

پاڪستان کان سواءِ خطي ۽ دنيا ۾ امن قائم نٿو رکي سگهجي: ترجمان پاڪ فوج

لنڊن (مانيٽرنگ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته پاڪستان کان سواءِ خطي ۽ دنيا ۾ امن قائم نٿو رکي سگهجي. لنڊن جي وارڪ يونيوسٽي ۾ خطاب ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته دنيا ۾ القاعده کي ڪڏهن به پاڪستان جي مدد کان سواءِ شڪست نه پئي ملي سگهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ دنيا کي پاڪستان جا ٿورا مڃڻ گهرجن. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جو امن هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهي ۽ پاڪستان جي خواهش آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ مڪم امن آڻڻ تائين رهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي آپريشن سان دهشتگردي جون ڪارروائيون ٻڙي ٿيون، ملالا يوسف زئي تي حملو عورتن جي تعليم جي مخالف دهشتگردن ڪيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close