پاڪستاننڪور خبرون

ماضي جي حڪومتن جيڪو ملڪ سان ڪيو، ائين دشمن به ناهي ڪندو: عمران خان

اسلام آباد (رپورٽ: عبدالله داد) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ هن وقت مشڪل معاشي حالتن مان گذري رهيو آهي.هن اهڙن خيالن جو اظهار بزنس ڪميونٽي جي وفد سان  ملاقات ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ ملڪ کي اندرين ۽ ٻاهرين قرضن جي دٻڻ ۾ ڌڪيو ويو، هن چيو ته ماضي جي حڪومتن ادارن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو، اڄ وڏا وڏا قومي ادارا قرض ۾ ٻڏل آهن، اسٽيل مل، پي آئي اي ۽ ريلوي اربين رپين جي خساري ۾ آهن، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جي گهٽتائي ناهي پر واڏا ڌاڙا هنيا ويا، اڄ قوم ماضي جي حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري تڪليف ۾ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته مشڪل وقت ضرور آهي پر پاڪستاني قومي وڏي صلاحيت رکي ٿي، انشاءُ الله جلد موجود بحران ختم ٿي ويندو، پاڪستان ۾ هر شعبي ۾ اربين ڊالر ڪائڻ جي صلاحيت آهي، قانوني طريقي سان مني لانڊرنگ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close