پاڪستاننڪور خبرون

آصف زرداري طرفان ٿر جو دورو ڪرڻ جو اعلان، ٿر جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو: اڳوڻو صدر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ٿر جي عوام کي ڏکي وقت ۾ اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهان، پاڻ جلد ٿر جو دورو ڪندس.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان وڏي وزير جي خاص مددگار کٽو مل جيوڻ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ ٿر جي ڏڪار سٽيل صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ٿر جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته  جيڪڏهن پاڻي جي فراهمي جو منصوبو سولائي سان شروع ٿي سگهي ٿو ته شروع ڪيو ويندو، ٿر ڪول جهڙو منصوبو ٿر کي ترقي ڏياريندو ۽ ٿر جي تقدير تبديل ٿي ويندي. اڳوڻي صدر چيو ته مان جلد پاڻ ٿر جو دورو ڪندس، عوام کي ڏکي وقت ۾ اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهان، اسان هر مسئلي جو حل چاهيون ٿا. هن چيو ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا تنهن ڪري بهتر منصوبابندي جي ضرورت آهي، ٿر جا چونڊيل نمائندا پنهنجي تڪن ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ۽ مون کي نتيجا ڏين. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو ته جيستائين ٿر ۾ پيئڻ جو نهري پاڻي نه ٿو پهچايو وڃي تيستائين ڏڪار کي منهن ڏيڻ مشڪل آهي، جهڙي نموني اڇڙي ٿر ۾ نارا ڪئنال مان پاڻي ڏنو وڃي اهڙي نموني ٿر ۾ به فراهم ڪرڻو پوندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close