پاڪستاننڪور خبرون

بلين بئنڪ کائي وئي يا اومني؟ مڪمل جاچ ڪئي وڃي: چيف جسٽس

ڪراچي (رپورٽر) چيف جسٽس ثاقب نثار سنڌ  ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو، سندس چوڻ آهي ته جيستائين هڪ هڪ رڪارڊ جي آءِ ٽي کي نه ٿو ملي ڪراچي ۾ ويٺل رهندس. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار  جي سربراهيءَ ۾ جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بئنچ سنڌ ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي.  چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته کاتن ۾ سهڪار نه ڪرڻ جي شڪايت هئي ٻڌايو ڇا ٿيو؟ جي آءِ ٽي جي سربراهه ٻڌايو ته اسان کي تمام گهڻي پريشاني ٿي آهي، عدالت جي مداخلت سان دستاويز مليا آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙي نموني ڪم نه هلندو، مان به هتي اچي ويهي رهندس ۽ ڪنهن کي نه ڇڏيندس. چيف جسٽس عدم سهڪار تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي چيمبر ۾ طلب ڪيو.  چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سان ڳالهائيندي رمارڪس ڏنا ته مني لانڊرنگ اهم معاملو آهي، مان وڏي وزير سان ملڻ چاهيان ٿو، کيس چئو ته اڄ ئي اچي ملي. جي آءِ ٽي سربراهه عدالت جي روبرو اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته اومني گروپ تي مجموعي طور تي 73 ارب رپين جو قرض آهي جنهن ۾ نيشنل بئنڪ جا 23 ارب رپيه، جڏهن ته سنڌ بئنڪ، سلڪ بئنڪ ۽ سمٽ بئنڪ جا مجموعي طور تي 50 ارب رپيه آهن. چيف جسٽس چيو ته بئنڪن جو انضمام تنهن ڪري ڪيو پئي ويو، اومني گروپ جو سربرهراهه ڪير آهي، کيس گهرايو وڃي. سپريم ڪورٽ سمورن کاتن کي جي آءِ ٽي سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سمورا سيڪريٽريز پنهنجا قسم نامي سان بيان ۽ دستاويز ڏين. چيف جسٽس آءِ ٽي سربراهه سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي مڪمل آزادي آهي جتي وڃڻو آهي وڃو ۽ ڪم ڪيو.  جمعي جي نماز کانپوءِ ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته وڏو وزير شهر ۾ ناهي، لاڙڪاڻي وڇي رهيو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل جي آگاهه ڪرڻ تي چيف جسٽس وڏي وزير مراد علي شاهه کي سڀاڻي عدالت ۾ اچڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وڏو وزير سڀاڻي چيمبر ۾ مون سان ملاقات ڪري. چيف جسٽس چيو ته جيستائين هڪ هڪ رڪارڊ جي آءِ ٽي کي نه ٿو ملي ڪراچي ۾ ويٺل رهندس، جعلي اڪائونٽس بابت ٽن چئن ڏينهن کان ڪم ڪري رهيو هيس.  هن چيو ته اومني تي 23 بلين جي بقايا آهي، اهي 23 بلين بئنڪ کائي وئي يا اومني؟ سنڌ بئنڪ ان کي ضم ڪئي پئي وڃي جيئن خبر ئي نه پوي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته گودام ۽ بئنڪ جو رڪارڊ به چيڪ ڪيو وڃي، فائنل رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد اومني کان جواب وٺنداسين. عدالت جي آءِ ٽي کي حڪم ڏنو ته 70 ارب رپين جي قرض جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي، جوابدارن خلاف ڪرمنل ڪارروائي ڪئي وڃي.  ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ٽائيم ٽو ٽائيم جيڪو رڪارڊ گهرانداسين اسان ڏينداسين، چيف جسٽس چيو ته جيڪو نه گهرندا اسان ڏئي ڇڏينداسين، اسلام آباد مان ڪراچي اچڻ لاءِ ڏيڍ ڪلاڪ لڳندو آهي، سهڪار رهي ته مهرباني هوندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close