سنڌ جون خبروننڪور خبرون

منهنجو مقصد1986ع واري ايم ڪيو ايم کي بحال ڪرڻ آهي: فاروق ستار

ڪراچي (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار پارٽي کي تنظيمي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ 22 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پهريون مقصد 1986 جهڙي ايم ڪيو ايم کي بحال ڪرڻ آهي ۽ پارٽي کي انٽرا پارٽي اليڪشن جي ذريعي ئي مسئلن مان ڪڍي سگهجي ٿو. هن پارٽي کي تنظيمي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ 22 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪندي چيو ته او آر سي ۾ وڌيڪ نالا شامل ڪيا ويندا. فاروق ستار جو چوڻ هو ته مون کي خبر آهي ته بهادر آباد وارا طعنا ڏيندا پر بهادر آباد وارن کي جواب آئون هاڻ ئي ڏيڻ چاهيان ٿو، خالد مقبول چيو ته پارٽي ۾ آمريت ختم ٿي وئي پر 15 جون تي منهنجي واپسي بعد سڄي رابطا ڪميٽي سان ڳالهيون نه ڪيون ويون هيون ۽ رابطا ڪميٽي ۾ ڪجهه ماڻحن جي اجاره داري آهي. هن وڌيڪ چيو ته اميدوارن کي ٽيڪٽ جاري ڪندي قاعدن جو متيون منجهايون ويون ۽ پيسي وارن خاندانن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏني وئي، ڪجهه ماڻهو ايم ڪيو ايم تي قابض آهن جيڪي پاڻ ڪنهن لائق ناهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close