سنڌ جون خبروننڪور خبرون

نيب جو ڪراچي، اطلاعات کاتي جي صوبائي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي احتساب بيورو( نيب ) ڪراچي، اطلاعات کاتي جي صوبائي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سنڌ جي اطلاعات کاتي طرفان اربين رپين جا اشتهار اهڙين اخبارن کي جاري ڪيا ويا جن ڪو وجود ئي ناهي. نيب جي ڇهه رڪني ٽيم اطلاعات کاتي جي آفيس ۾ هڪ ڪلاڪ تائين تلاشي ورتي ۽ اهم رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي وئي. ڪاروائي ڪندڙ ٽيم ۾ ڊائريڪٽر ليول جا آفيسر شامل هئا. نيب کي شڪ آهي ته ڊمي اخبارن کي جاري ڪيل اشتهارن جي رقم پرڏيهه منتقل ڪئي وئي آهي ۽ ان معاملي تي 2013 کان جاچ هلي رهي آهي. سنڌ جي اطلاعات کاتي خلاف نيب ۾ اڳواٽ ئي ٽه انڪوائريون هلي رهيون آهن جن ۾ سڌ سماءَ وارو اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ اطلاعات وارو سيڪريٽري ذوالفقار شهواڻي جيل ڪسٽڊي ۾ آهن. نيب سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ عمر شهزا، گلزار علي، سارنگ لطيف ۽ سلمان منصور سميت ٻين پڻ گرفتار ڪيو آهي. جوبدارن مٿان سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ پنج ارب 76 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close