پاڪستاننڪور خبرون

اين آر وٺڻ جي ضروت ناهي، سڀ ڄاڻين ٿا جهيڙو رڳو 18 هين ترميم تي آهي: آصف زرداري

لاهور (مانيٽرنگ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته ٽريڊنگ اڪائونٽس کي ڪوڙو چيو ويو، سمجهه ۾ اچي ويو ته اهو اصل ۾ 18 هين ترميم جو جهيڙو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اهي هميشه منهنجن دوستن کي پڪڙيندا آهن، اهي هر طرف کان مون تي حملا ڇو ڪري رهيا آهن، سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته اهو اصل ۾ 18 هين ترميم جو جهيڙو آهي، جن دوستن سنڌ ۾ انڊسٽريلائزيشن ۾ مدد ڪئي انهن کي کنيو ويو. هن چيو ته هر انسان ڀٽو صاحب جي سوچ کي سمجهي ٿو، اهي 18 هين ترميم ختم ڪرڻ چاهين ٿا، توهان وٽ مينڊيٽ آهي نه توهان جي سوچ آهي ۽ نه توهان کي سيکاريو ويو آهي، سوچڻو پوندو آهي سندس چالاڪين کي سامهون آڻڻو پوندو آهي. آصف زرداري چيو ته اسان کي قانون جي عزت ڪرائڻي آهي، اسان عدليا جي خلاف ناهيون، سعودي عرب هميشه اسان جي مدد ڪئي آهي، حڪومت کي بيل آئوٽ پيڪيج ملڻ تي مان خوش آهيان، جيڪڏهن عوام تان وزن گهٽ ٿيندو ته مون کي ڪوبه اعتراض ناهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هميشه هڪ ٻئي جي مدد ڪئي آهي، چين به پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، دوستي جي ان گلدستي ۾ اسان به حصو وڌو آهي. قومي مفاهمتي آرڊيننس جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته مون ته مشرف کان به اين آر او نه گهريو، مون ته هونئن ئي ڪيس کٽيا، مان حڪومت کان اين آر او ڇو گهران؟ پرويز مشرف جي دور ۾ جيل به ڪاٽيو. اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته اسان پختونن کي سڃاڻپ ڏني، اهي ماڻهو هوش کان ڪم وٺن، پاڻ ته بني گالا کان هيٺ اچي نه ٿو، ڏسون ٿا ته مولانا فضل الرحمان 31 آڪٽوبر  تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪرائي ٿو يا نه. هن چيو ته اسان کي اين آر او جي ضرورت نه هئي مشرف کي ضرورت هئي، جيڪي ماڻهو آمريت جي دور جي ايڪٽنگ ڪري رهيا آهن اهي تمام خراب اداڪار آهن. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حوالي سان هن چيو ته نه نواز شريف کي منهنجي ضرورت آهي، نه مون کي ان جي، ٻنهي جو پنهنجون پارٽيون آهن. اڳوڻي صدر چيو ته هڪ دوست کي مون صرف ان لاءِ فون ڪئي ته معلوم ڪريان ته فصل ڪيئن ٿي آهي، جنهن دوست کي مون فون ڪئي ان کي به کنيو ويو، جن دوستن سنڌ ۾ انڊسٽريلائزيشن ۾ مدد ڏني انهن کي کنيو ويو، اهي هميشه منهنجن دوستن کي پڪڙيندا آهن. اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته مون وٽ اهڙي ڪابه ڄاڻ ناهي ته ڪو اسرائيلي جهاز پاڪستان ۾ لٿو آهي، اسرائيلي جهاز جي اچڻ جي مون وٽ ڪابه اطلاع ناهي، پر اهو ناممڪن ناهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close