سنڌ جون خبروننڪور خبرون

عوام اعتماد ڪيو آهي، مسئلن بابت چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي شڪايت سميت صوبي جي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون. چيف جسٽس ثاقب نثار جي چيمبر ۾ ملاقات دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين به شرڪت ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته چيف جسٽس مون کي وڏو وزير ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته سنڌ جي عوام اعتماد ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جا ڪجهه مسئلا هئا جنهن بابت چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو ويو آهي.  سندس چوڻ هو ته مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي شڪايتن بابت به چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو. وڏي وزير چيو ته ڄاڻ ڏيڻ ادارن جو ڪم آهي، وڏي وزير جو ناهي. مراد علي شاهه چيو ته جي آءِ ٽي آبپاشي، ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ بابت تفصيل طلب ڪيا تنهن ڪري 2 ڏينهن ڏنا ويا، ايتري وقت ۾ ايڏي ڊيٽا ڪئين ڏئي سگهجي ٿي، ائين ٿورئي ٿيندو ته هڪ بٽڻ دٻايو ۽ رڪارڊ ملي وڃي.  هن چيو ته جيڪڏهن مون کي انڪوائري لاءِ طلب ڪيو وڃي ته مان ويندس. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي اسپتال ڪي پي کان بهتر نظر آئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close