سنڌ جون خبروننڪور خبرون

لاڙڪاڻي ۾ پ پ چيئرمين جي سربراهي ۾ اجلاس، ترقياتي ڪمن تي بريفنگ

لاڙڪاڻو (ڊ ر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ترقياتي ڪمن، امن امان ۽ ٻين مسئلن بابت سرڪٽ هائوس ۾ اجلاس ٿي گذريو. اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ لوڪل گورنمينٽ کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اجلاس ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت پارٽي چيئرمين کي بريفنگ ڏني وئي، جنهن چيو ته جيڪي اسڪيمون هلي رهيون آهن، انهن کي اڳ مڪمل ڪيو وڃي، اڳ ائين ٿيندو هو ته هلندڙ اسڪيم دوران نئين اسڪيم ورتي ويندي هئي، جنهن ڪري اهي اسڪيمون مڪمل نه ٿينديون هيون ۽ مسئلا پئدا ٿيا هئا، هينئر ڪيتريون ئي اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ رهيل اسڪيمن بابت اڄ پارٽي چيئرمين کي بريفنگ ڏني وئي آهي. صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير جي چيف جسٽس سان بهتر ماحول ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ چيف جسٽس وڏي وزير کي ٻيهر وڏو وزير ٿيڻ تي مبارڪ باد ڏني، پي پي پي حڪومت صحت جي شعبي ۾ بهتر ڪم ڪيو آهي، چيف جسٽس پوليس نظام کي بهتر بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي. هنن چيو ته ايف آءِ اي سال 2015ع ۾ شروع ڪرايل انڪوائري تي عام چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪم شروع ڪيو، جنهن جو مقصد  پ پ کي عام چونڊن کان پري رکڻ هو پر عوام عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو. هنن چيو ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ اڳواڻن جي بيانن ۾ تضاد آهي. سنڌ حڪومت طرفان ٿر ۾ ڪڻڪ ورهائي  پئي وڃي ۽ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ٿر جي 50 هزار خاندانن خاص طور ڳورهاري عورتن ۾ راشن ورهايو ويندو. مڪاني ادارن واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته غيرقانوني قبضن بابت مختلف شهرن جي حوالي سان عدالتي فيصلا آيا آهن، ڪٿي به قبضا ٿيڻ نه گهرجي، پيپلز پارٽي جي ڪوشش آهي ته اسين ڊليور ڪيون ۽ ڪجهه ماڻهو قبضي جي زمين وڪرو ڪندا آهن، جيڪي عدالتي فيصلن جي زد ۾ آيا آهن انهن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close