پاڪستاننڪور خبرون

ملڪ کي لٽيندڙ کان حساب نه ورتو ته حڪومت ۾ ويهڻ جو ڪو حق نه هوندو: فواد چوڌري

جهلم (مانيٽرنگ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان هن ملڪ کي لٽيندڙ کان حسان به وٺي سگهياسين ته اسان کي حڪومت ۾ ويهڻ جو ڪوبه حق نه هوندو. جهلم ۾ ڪاري ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو ته پاڪستان جي سرزمين تي ڪوبه اسرائيلي جهاز ناهي لٿو پر اهي صرف مخالفن جون ڦهلايل خبرون آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف کي پاڪستان جي مڊل ڪلاس چونڊيو آهي ڇو ته انهن کي پي ٽي آءِ مان بهتري جي اميد آهي. هن چيو ته هن ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي، جنهن سبب اسان جو ملڪ ڪڏهن ترقي ناهي ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ 61/60 سالن تائين پاڪستان جو ڪل قرض ڇهه هزار ارب هو جڏهن ته گذريل پنجن سالن ۾ اهو قرض 24000 ارب تائين پهچي ويو آهي. فواد چوڌري چيو ته ايترو پئسو جيڪڏهن پاڪستان جي بهتري لاءِ خرچ ٿيندو ته پاڪستان جون حالتون اڄ جهڙيون نه هجن ها پر هن ملڪ ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري رکي هئي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته اهو سمورو پئسو جيڪو قرض جي صورت ۾ ورتو ويو اهو اڳوڻن 10 سالن جي حڪمرانن جي کيسن ۾ ويو. هن چيو ته اسان احتساب جي عمل کي غير تڪراري ۽ يقيني بڻائينداسين ڇو ته وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو هو ته اسان پاڪستاني رياست کي مديني جي رياست جي ماڊل تي بيهارينداسين ۽ مديني جي رياست ۾ قانون سڀني جي لاءِ هڪ هو. مخالفن تي تنقيد ڪندي هن چيو ته اهي ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن ته عمران خان سعودي عرب ۽ چين کان قرض وٺي ڇڏيو آهي، مان انهن کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته عمران خان پنهنجي ٻارن جي لاءِ نه هن ملڪ جي ٻارن جي لاءِ پئسو وٺي رهيو آهي ۽ هو هڪ هڪ پائي هن ملڪ جي فلاح ۽ بهتري تي ئي خرچ ڪندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close