پاڪستاننڪور خبرون

ڪنهن جي اجازت جي ضرورت ناهي، ڪراچي ۾ حددخليون ختم ڪيو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر) سپريم ڪورٽ 15 ڏينهن ۾ ڪراچي مان حددخليون مڪمل طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ حددخلين جي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪراچي جو ميئر وسيم اختر، ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان پڇاڻو ڪيو ته حددخليون توهان ختم ڪرائيندا، پنهنجو پلان ٻڌايو وڃي. ايڊيشنل آءِ جي چيو ته اسان مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جڏهن ته ميئر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ايمپريس مارڪيٽ 70 سيڪڙو صاف ٿي چڪو آهي. چيف جسٽس ڪراچي جي ميئر ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي چيو ته رڳو ايمپريس مارڪيٽ ناهي ڀرپاسي جا علائقا به صاف ڪرايو.  عدالت ڪراچي جي ميئر سميت انتظاميه کي سڄي شهر مان حددخليون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته عدالت جو حڪم موجود آهي، هاڻي ڪنهن جي اجازت جي ضرورت ناهي. وسيم اختر عدالت کي خاطري ڪرائي ته صدر کي مڪمل طور صاف ڪرايو ويندو، جڏهن ته عدالت ڪنٽونمينٽ بورڊ ۽ رينجرز کي به انتظاميه سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته امن امان جي صورتحال کي قانون موجب منهن ڏنو وڃي. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته سمورن فوٽ پاٿن تان حددخليون ختم ڪيون وڃن، رفاهي ادارا فوٽ پاٿن تي غريبن کي کاڌو کارائيندا آهن، کين به هٽايو وڃي، ڪراچي جو ميئر غريبن کي کاڌو کارائڻ لاءِ متبادل هنڌ فراهم ڪري.  وسيم اختر چيو ته مون وٽ اختيار نه آهن ۽ مئجسٽريٽي اختيارن جي ضرورت آهي. چيف جسٽس چيو ته شهر صاف ڪرائڻ لاءِ ٽاسڪ ڪراچي جي ميئر کي ڏنو آهي جڏهن ته عدالت  حددخلين جي خاتمي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، گڏيل ٽيم کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close