پاڪستاننڪور خبرون

مولانا فضل الرحمان پاران اي پي سي جي دعوت، ن ليگ بعد پ پ قيادت جي به شرڪت کان معذرت، وفد موڪلڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورورپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اي پي سي ۾ پارٽي جو وفد شرڪت ڪندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اي پي سي ۾ پيپلز پارٽي جو وفد موڪلڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اي پي سي مولانا فضل الرحمان گهرائي رهيو آهي ته ان جي ايجنڊا به اتي ئي ٺاهيندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافي جي اين آر او بابت سوال تي بلاول ڀٽو زردار يچيو ته پارليامينٽ جي راهدارين ۾ ان تي ڳالهه نٿي ٿي سگهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته نئين پاڪستان ۾ نئون نظام آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، اسان سڀني کي گڏجي ان جي مخالفت ڪرڻي پوندي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ورڪنگ ڪلاس جي حقن جو خيال رکڻ لاءِ حڪومت جو ڪوبه پلان ناهي، اسد عمر اپوزيشن جون تجويزون وٺڻ جون صرف ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ گذريل ڏينهن به پاڪستان پيپلز پارٽي مولانا فضل الرحمان طرفان گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان اي پي سي ۾ ضرو شرڪت ڪنداسين مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد نواز شريف مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. نواز شريف جو پارليامينٽ هائوس ۾ مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف آجيان ڪئي ۽ پاڪر پاتو. شهباز شريف نواز شريف کي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي چيمبر ۾ وٺي ويو.  نواز شريف جي آمد تي پارليامينت هائوس ٻاهران مسلم ليگ ن جي اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪارڪنن طرفنا شير آيا شير آيا جا نعرا هنيا. ان موقعي تي پيهه سبب هڪ ٻئي کي ڌڪا پڻ ڏنا ويا. ذريعن موجب ملاقات دوران شهباز شريف ۽ سينئر پارٽي اڳواڻن سان مشوري بعد نواز شريف 31 آڪٽوبر تي گهرايل اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ملاقات ۾ اهم قومي معاملن تي مخالف ڌر سان گڏجي هلڻ سان گڏ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻن تي ٻڌل وفد اي پي سي ۾ شرڪت ڪندو. ذريعن موجب ملاقات دوران نيب جي ڪيسن ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.  نواز شريف پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سان به ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close