پاڪستاننڪور خبرون

نيب ڪيسن ۾ ملوث سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورورپورٽ) نيب ڪيسن ۾ ملوث سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آحي جنهن ۾ شهباز شريف، شرجيل ميمڻ، مراد علي شاهه، راجا پرويز اشرف، عليم خان ۽ پرويز خٽڪ جا نالا به شامل آهن. نيب طرفان جاري پڌرائي موجب مجموعي طور تي 71 سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بابر اعواڻ، پرويز خٽڪ، عليم خان، لياقت جتوئي ۽ ذوالفقار بخاري عرف زلفي شامل آهن. ن ليگ جي جن اڳواڻن جي خلاف نيب جي جاچ جاري آهي انهن ۾ شهباز شريف، خواجا آصف، خواجا سعد رفيق، طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، ثناءُ الله زهري، اسحاق ڊار، راڻا مشهود احمد ۽ انجم عقيل شامل آهن. پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، شرجيل انعام ميمڻ، مراد علي شاهه، ڊاڪٽر عاصم، آغا سراج دراني، سهيل انور سيال، ڄام خان شورو ۽ اعجاز جکراڻي جي خلاف به نيب جي جاچ جاري آهي. ان کان علاوه ميئر ڪراچي وسيم اختر، بابر غوري، رئوف صديقي ۽ عادل صديقي جي خلاف به ڪيس جاچ هيٺ آهن. اڳوڻن وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ چوڌري شجاعت کان علاوه چوڌري پرويز الاهي، شوڪت ترين، پير صبغت الله شاهه راشدي ۽ اسلم رئيساڻي جي خلاف به نيب جي جاچ جاري آهي. نيب طرفان جاري پڌرائي موجب اڳوڻي سنڌ جي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ خالد لانگو خلاف به ڪيس جاچ هيٺ آهن

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close