سنڌ جون خبروننڪور خبرون

سنڌ سرڪار پاڻ کي بک ڏئي ٿرڪول جي مائننگ ڪئي، پيدا ٿيندڙ بجلي ملڪ روشن ڪندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان فيڊرل سروس آف پاڪستان جي 38 آفيسرن جي گروپ گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي ۾ تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، آءِ جي سنڌ ڪليم امام ۽ مختلف کاتن جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا. وڏي وزير سيد وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ملڪ جو 70 سيڪڙو روينيو جنريٽ ڪريٿو. ملڪ جي 70 سيڪڙو گيس سنڌ ۾ موجود آهي ۽ سنڌ ۾ دنيا جو ڇهون نمبر وڏو ڪوئلو ٿر ۾ موجود آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڻ کي بک ڏئي ٿرڪول جي مائننگ ڪئي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿرڪول مان بجلي پيدا ٿيندي جيڪا سڄي ملڪ کي روشن ڪندي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ريجن جو پهريون شهر هو جنهن ۾ ٽرام هلندي هئي. هن چيو ته ڪي سي آر کي روائيوز ڪرڻ لاءِ جائيڪا کان فزيبلٽي ٺهرائي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته چائنا جي مدد سان ڪي سي آر جلد شروع ڪئي ويندي، ٻئي پاسي يورپين پارليامينٽرين جي وفد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ سنڌ ۾ سيڙپڪاري، ماحول ۽ حڪومتي پاليسين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ انرجي، انفراسٽرڪچر، ايگريڪلچر، ڪارپوريٽ فارمنگ، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جو موقعا موجود آهن، حڪومت سيڙپڪارن کي تمام گهڻيون سهولتون ڏئي رهي آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close