سنڌ جون خبروننڪور خبرون

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، مختلف معاملن تي بحث، ناصر شاهه ۽ نصرت سحر ۾ منهن ماري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ويو آهياسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران مختلف معاملن تي بحث ٿيو، صوبائي وزير ناصر شاهه جيل بابت سوالن جا جواب ڏنا، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه اسيمبلي ميمبرن جا جواب ڏيندي چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جيلن جا نوان بيرڪس ٺاهيا پيا وڃن، هن چيو ته ملير جيل ۾ هڪ هزار قيدين لاءِ نوان بيرڪس ٺاهيا پيا وڃن، صوبائي وزير چيو ته حيدرآباد، بينظير آباد ۽ ٺٽي ۾ نوان جيل تعمير ڪرايا پيا وڃن، ناصر شاهه چيو ته سنڌ ۾ نون جيلن جي اڏاوت سان پنج هزار قيدين کي رکڻ جي گنجائش وڌي ويندي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ نصرت سحر عباسي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ به ٿي. نصرت سحر عباسي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جواب ڏيندو ته ايوان کي آگاهي ملندي. ناصر حسين شاهه چيو ته ڀيڻ سوال ڪري ته جواب نه ڏيان اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي. پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ اسيمبلي ميمبرن کي جيل جو دور ڪرڻ جي به دعوت ڏني، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسيمبلي ميمبرن جي دوري سان جيل جي ماحول ۾ بهتري ايندي، ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري شرجيل ميمڻ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جون تجويزون سٺيون آهن، توهان جي تجويزن سان سٺي قانونسازي ٿي سگهي ٿي.اسيمبلي ميمبر عارف جتوئي چيو ته شرجيل ميمڻ جيل ۾ رهي جيل جي ماحول کان چڱو واقف ٿي ويو آهي، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڇڏيو

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close