پاڪستاننڪور خبرون

مالي پيڪيج ۽ ٻين معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ چين ۽ پاڪستان ۾ ڳالهيون شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي چين دوري جي فالواپ جي لاءِ چين کان مالي پيڪيج ۽ مارڪيٽ رسائي بابت معاملن تي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد چين پهچي ويو. پاڪستاني وفد  ۾ گورنر اسٽيٽ بينڪ طارق باجوا، ناڻي وارو سيڪريٽري عارف احمد خان، منصوبابندي سيڪريٽري ظفر حسن ۽ واپار وارو سيڪريٽري محمد يونس ڍاگا شامل آهن. ذريعن موجب پاڪستاني وفد بيجنگ ۾ 4 ڏينهن رهڻ جي دوران مالي پيڪيج طئه ڪندو ۽ ان حوالي سان چيني اختيارين سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. وفد چيني اختيارين سان امڪاني مالي پيڪيج ۽ چين ۾ پاڪستاني شيون شيون گهرائڻ کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ رسائي بابت معاملن کي حتمي شڪل ڏيندو

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close