پاڪستاننڪور خبرون

نواز شريف خلاف ريفرنس ۾ نيب پاران نوان ڪاغذ پيش ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس ۾ نيب پاران نوان ڪاغذ پيش ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ نيب پراسيڪيوٽر ۽ نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيب پاران نواز شريف خلاف وڌيڪ پيش ڪيل ڪاغذن واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو. خواجا حارث نيب جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته يوڪي سينٽرل اٿارٽي سان لکپڙهه نيب جي ظاهر شاهه ڪئي هئي اهو عدالت ۾ شاهد طور پيش ٿي چڪو آهي. خواجا حارث سوال اٿاريو ته ظاهر شاهه جي شاهدي سان گڏ ڪاغذ پيش ڇو نه ڪيا ويا؟.نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي جواب ڏيندي چيو ته ڪاغذن ۾ لکيل آهي ته خط جو جواب ملڻ کانپوءِ ڪاغذ پيش ڪيا ويندا، خواجا حارث چيو ته ڪاغذ پيش ڪيو ٿا ته اهو شاهد به عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته فليگ شپ جي ڪاغذن سان جاچ جو ڪهڙو تعلق آهي، نيب ته اهو ناهي ٻڌايو، جج پڇاڻو ڪيو ته 8 مهينا دير سان اهي ڪاغذ ڇو ٿا پيش ڪيو؟، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close