پاڪستاننڪور خبرون

قطري شهزادي جي خطن کي ڪنهن فورم تي دفاع لاءِ پيش نه ڪيو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ پڇيل سوالن جي جواب ۾ چيو آهي ته ڪڏهن به قطري شهزادي جي خطن کي ڪنهن فورم تي پنهنجي دفاع لاءِ پيش نه ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نواز شريف ٽئين ڏينهن به عدالت طرفان پڇيل وڌيڪ 30 سوالن جا جواب لکت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي، سومر ڏهاڙي به نواز شريف پنهنجو 342 جو بيان جاري رکندو. نواز شريف پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته قطري شهزادي جي خطن کي ڪڏهن به ڪنهن فورم تي پنهنجي دفاع لاءِ پيس نه ڪيو آهي، جي آءِ ٽي وٽ ڪو به سبب نه هو اها خطن کي رڳو افسانو قرار ڏي. هن چيو ته شهزادي حمد بن جاسم جي خطن مان ايئن ڪٿي نه ٿو لڳي ته هو جي آءِ ٽي سان سهڪار لاءِ تيار نه هو، هن جي آءِ ٽي کي لکيو هو ته هو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٻنهي خطرن جي تصديق ڪري ٿو، هن جي آءِ ٽي سامهون سوالنامو فراهم ڪرڻ جو چيو هو، هن طرفان هڪ معقول درخواست هئي ته سوالنامو ڏنو وڃي پر جي آءِ ٽي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ غير ضروري طور تي سخت شرط رکيا، جي آءِ ٽي جي طريقيڪار ايئن لڳي ٿو ته هو قطري شهزادي جو بيان رڪارڊ ئي نه ٿي ڪرڻ چاهي.نواز شريف پنهنجي جواب ۾ چيو ته العزيزيه جي ملڪيت جي دعويٰ ڪڏهن نه ڪئي آهي، هميشه چيو آهي ته العزيزيه اسٽيل ملز جي ملڪيت سان ڪو واسطو ناهي، العزيزيه اسٽيل ملز منهنجي والد قائم ڪئي، اهو درست ناهي ته العزيزيه اسٽيل ملز حسين نواز قائم ڪئي، العزيزيه استيل ملز جو ڪاروبار حسين نواز هلائيندو هو، مان العزيزيه ملز جي وڪري يا ان بابت ڪنهن ٽرانزيڪشن جو ڪڏهن حصونه رهيو آهيان، شريڪ جوابدار 6 ملين ڊالر ۾ العزيزيه قائم ڪرڻ جو بيان منهنجي موجودگي ۾ نه ڏنو. اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏنو ته حسن ۽ حسين نواز جو بيان جي آءِ ٽي ۾ منهنجي موجودگي ۾ رڪارڊ نه ٿيو آهي، ٻئي نه ته عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ نه ئي ٽرائل مون سان ٿي رهيو آهي، ان سان منسوب ڪو به بيان منهنجي خلاف شاهدي طور پيش نه ٿو ڪري سگهجي، ڇو ته جاچ دوران ڪنهن به شخص جو ڏنل بيان قبولڻ جوڳي شاهدي نه هوندو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close