انٽرنيشنلسنڌ جون خبرون

پاڪستان سان لاڳاپا ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي: چين

بيجنگ (م ڊ) چيني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته پاڪستان سان لاڳاپا ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جينگ شوانگ طرفان ڪراچي ۾ قائم چيني قونصل خاني تي ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي جڏهن ته پاڪستان کي ان حملي خلاف سخت قدم کڻندي چيني عملي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو. چيني پرڏيهي وزارت طرفان چيني سفارت خاني تي ٿيل دهشتگرد حملي خلاف پاڪستان پوليس ۽ آرمي طرفان ڪيل وقت سر ڪارروائي جي تعريف ڪئي وئي ۽ دهشتگرد منصوبي کي ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ آرمي جي کنيل قدمن کي ساراهيندي آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس بريفنگ دوران چيو ته دهشتگرد حملو پاڪ چين لاڳاپن ۽ سي پيڪ تي بلڪل به اثر انداز نه ٿيندو، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا اڳ جيان برقرار رهندا. ٻئي پاسي چيني سفارتخاني طرفان ڪيل ٽوئيٽ ۾ پڻ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو ويو ته پاڪستان ۽ چين جي تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪرڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close