پاڪستاننڪور خبرون

چيني قونصل خاني تي حملو ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي سازش آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني ۽ اورڪزئي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حملا  بدامني پکيڙڻ جي سوچيل سمجهيل سازش آهي، حملي جي پويان موجود عنصرن کي فوري طور تي بينقاب ڪيو وڃي، حملو پاڪ چين معاشي ۽ اسٽريٽجيڪ سهڪار جي خلاف سازش آهن پر اهڙا واقعا ٻنهي ملڪن جي سهڪار کي متاثر نٿا ڪري سگهن، هن وڌيڪ چيو ته پاڪ چين دوستي هماليه کان به وڏي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته پوليس ۽ رينجرزز بهادري جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو جنهن تي قوم کي فخر آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close