سنڌ جون خبروننڪور خبرون

جي آءِ ٽي کي 24 جنوري تائين گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪري: سنڌهاءِڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ جي آءِ ٽي کي 24 جنوري تائين گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري رئيس جي امڙ عدالتي ڪمري ۾ روئي ويٺي.  درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته رئيس واٽر بورڊ جو ملازم هو، گهرن ۾ بل ورهائيندو هو،  2 سال کان پٽ گم اهي، گهر ۾ فاقا ڪري رهيا آهيون.  ٻڌڻي دوران عدالت وفاقي سرڪار طرفان وڪيل پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس نعمت الله رمارڪس ڏيندي چيو ته  جي آءِ ٽي ۽ اٽارني جنرل آفيس کان اڳڀرائي نه ٿي رهي آهي، هاڻي ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ جي آءِ ٽي تي ڏنڊ وجهنداسين، اها رقم معاوضي طور گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي ڏني ويندي.  عدالت چيو ته سرڪاري وڪيلن ۽ پوليس جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي آفيس مان به اطمينان جوڳو سوال نه ملي رهيو آهي، گم ٿيل ماڻهن جا وارث پريشان آهن ۽ ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي. عدالت گم ٿيل ماڻهن بابت ڪي پي جي حراستي مرڪزن ۾ ڇنڊ ڇاڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڪي پي حڪومت کان به مدد ورتي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي سمورن ادارن کي آن بورڊ وٺندي 24 جنوري تائين گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close