پاڪستاننڪور خبرون

سپريم ڪورٽ طرفان سرڪاري اشتهارن جا پئسا سنڌ جي وڏي وزير کي 15 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سرڪاري اشتهارن ۾ سياسي تصويرن تي سنڌ جي وڏي وزير کي اشتهارن جا پئسا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري اشتهارن ۾ سياسي عهديدارن جي تصويرن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ڪي پي ۽ سنڌ اشتهارن جون رپورٽون جمع ڪرايون آهن. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته سنڌ ۾ 14 لک 6 هزار رپيه  خرچ ڪيا ويا آهن.  چيف جسٽس حڪم ڏنو ته اها رقم وڏو وزير مراد علي شاهه ڏيندو يا وري سندس پارٽي پيپلز پارٽي، فيصلو ڪيو اها رقم ڪنهن کي ڏيڻي آهي، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف اها رقم پنهنجي کيسي مان ڏني،  عدالت سنڌ جي وڏي وزير کي 15 ڏينهن ۾ پئسا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته ڪي پي حڪومت کي جيڪي اشتهار ڏيڻا هئا، ان جو ڪو خرچ نه ڏنو ويو. چيف جسٽس چيو ته رپورٽ ۾ به وڏي وزير جي پيغام جو اشتهار آهي، سڀاڻي پرويز خٽڪ کي گهرائي وٺون ٿا، سيڪريٽري اطلاعات عدالت کي گمراهه ڪري رهيا آهن. سيڪريٽري اطلاعات چيو ته هڪ اشتهار ۾ وڏي وزير جي تصوير هئڻ تي ادائيگي روڪي وئي، رقم جي ذميواري جو فيصلو ٿيڻ تي ادائيگي ڪئي ويندي، 10 ڏينهن ڏنا وڃن فائنل ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته توهان ڪيس کي سنجيده نه وٺي رهيا آهيو، عدالت توهان تي 20 هزار رپيه ڏنڊ وجهي رهي آهي. عدالت سيڪريٽري اطلاعات ڪي پي کان بيان حلفي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪي پي حڪومت طرفان اشتهارن جي ادائيگي ڪنهن جي ذمي آهي؟

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close