پاڪستاننڪور خبرون

نئين نيشنل ٽيرف پاليسي، ادارن ۾ ڊائريڪٽرز جي مقرري ۽ اي سي سي جي فيصلن جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيڊار تار لڳائڻ ۽ نئين نيشنل ٽيرف پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ريڊيو پاڪستان جي ضمني گرانٽ جاري ڪرڻ، مختلف ادارن ۾ ميمبرز ۽ ڊائريڪٽرز جي مقرري ۽ اي سي سِي فيصلن جِي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم پاران وزيرن جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ذريعن موجب، اجلاس ۾ حڪومت جَي سئو ڏينهن واري پلان تي وزيرن جِي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ 8 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب، اجلاس ۾  اجلاس دوران گلگت بلتستان ۾ سڌارن واري معاملي ۽ ملڪ اندر امن امان جي معاشي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيڊار تار لڳائڻ ۽ روشني وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته واپار واري وزارت جي نئين نيشنل ٽيرف پاليسي جِي به منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا ريڊيو پاڪستان لاءِ ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جاري ڪرڻ، وي سي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جِي مقرري لاءِ قائم سرچ ڪميٽي نئين سِر جوڙڻ ۽ مختلف ادارن ۾ ميمبرز ۽ ڊائريڪٽرز جي مقرري ۽ اي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي ڏنل هدفن بابت رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي کين ڪم جي رفتار ۾  تيزي آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close