
انٽرنيشنل
والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو
سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، ڀارتي فورسز پلواما ۾ فائرنگ ڪري وڌيڪ ٻن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي. والاريل ڪشمير جي علائقي پلوما ۾ اڄ ڀارتي سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو ۽ گهر گهر جهڙتي ورتي. ڀارتي سيڪيورٽي فورسز اونتي پورا واري علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ۽ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ 20 کان وڌيڪ ڪشميري نوجوان شهيد ٿي چڪا آهن