سنڌ جون خبروننڪور خبرون

ڪراچي ۾ دفاعي نمائش آئيڊياز 2018 جاري، جديد هٿيار ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل

ڪراچي (رپورٽ: سجاد ميراڻي) ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ دفاعي نمائش آئيڊياز 2018 جي ٽئين ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن، پاڪ آرمي، ايئر فورس ۽ نيوي پاران علامتي طور يونيورسٽي جي يرغمال بڻايل بس کي آجو ڪرائڻ بابت گڏيل مشق ڪئي وئي. ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ جاري دفاعي نمائش آئيڊياز 2018 جي ٽئين ڏينهن وارين تقريبن ۾ مختلف ملڪن جا نمائندا ۽ شهري شريڪ آهن. دفاعي نمائش دوران علامتي طور يرغمال بڻايل يونيورسٽي جي بس کي پاڪ آرمي، ايئر فورس ۽ نيوي جي جوانن پاران گڏيل مشق دوران آجو ڪرايو ويو. مشقن دوران فوجي جوانن هيليڪاپٽر تان ڪاميابي سان هيٺ لهڻ جو به مظاهرو ڪيو. دفاعي نمائش دوران وائس چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ڪليم سان فلپائين، ڪويت، مصر ۽ نائجيريا سميت مختلف ملڪن جي نمائندن ملاقاتون ڪيون، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نيوي جي ترجمان موجب وائيس چيف آف نيول اسٽاف مختلف اسٽالز جو دورو به ڪيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close